مادري ٻوليون ڳالهائيندڙن جي ڊيٽا بابت رپورٽ جاري

مادري ٻوليون ڳالهائيندڙن جي ڊيٽا بابت رپورٽ جاري

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) شماريات بيورو ملڪ ۾ ڳالهائيون ويندڙ مادري ٻولين بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي 8 ڪروڙ 89 لک ماڻهن جي مادري زبان پنجابي آهي. پشتو ڳالهائيندڙن جو انگ 4 ڪروڙ 36 لک، سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 3 ڪروڙ 44 لک ٻڌايو ويو آهي. رپورٽ موجب 2 ڪروڙ 88 لک ماڻهن جي مادري ٻولي سرائڪي، 2 ڪروڙ 22 لک ماڻهن جي اردو ٻولي مادري زبان آهي. پاڪستان ۾ 81 لک 17 هزار بلوچي، 55 لک 90 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي هندڪو آهي. 27 لک 78 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي براهوي، 10 لک 39 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي ڪوهستاني ۽ 2 لک 74 هزار ماڻهن جي مادري ٻولي ڪشميري آهي. شماريات واري اداري موجب، شينا 116,000 ماڻهن جي مادري ٻولي آهي، بلتي 52,134 ماڻهن جي مادري ٻولي آهي ۽ ڪيلاشي 7,466 ماڻهن جي مادري ٻولي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ 33 لک 37 هزار ٻيون مادري ٻوليون ڳالهائيندڙن جي آهي جن ۾ گجراتي، مارواڙي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو