ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز لياقت آباد مان ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڀارتي ايجنسي ”را“ جي تربيت يافته دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز ترجمان موجب لياقت آباد ۾ پوليس سان گڏيل ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي مطلوب دهشتگرد وسيم عرف باس عرف ٽانڊا کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن هٿيارن جي استعمال ۽ هٿ ڪرڻ جي تربيت حاصل ڪئي آهي.ترجمان موجب وسيم ٽانڊا ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم کي هلائيندو رهيو آهي، جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهي، جوابدار نومبر 2013ع تائين ايم ڪيو ايم لنڊن ف جي ايم ڪيو ايم تي ڪيترائي واقعا ڪيا آهن، جڏهن ته جوابدار 2013ع جي آپريشن ۾ ملوث آهي، گرفتاري کان بچڻ لاءِ پرڏيهه فرار ٿي ويو آهيان.ٻئي طرف بلال چورنگي ڀرسان ڪورنگي فائربرگيڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي فائر برگيڊ ملازمن کي فائرنگ ڪري قتل ڪندڙ جوابدار صديق عرف بابا کي پهرين آڪٽوبر 2022ع تي ڪورنگي مان گرفتار ڪيو ويو هو.جوابدار شيخ بلال ظفر فاروقي جي ساٿي کي رينجرز اڳ ئي گرفتار ڪري چڪي آهي.










