لياري پ پ جو مضبوط قلعو آهي:ناصر شاهه

لياري پ پ جو مضبوط قلعو آهي:ناصر شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي رهنمائي هيٺ لياري ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ لياري ۾ سبزواري ٽرينگل پارڪ ۽ وال آف لياري گيٽ جو افتتاح ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر يونس خان، هاڪي اولمپئن وسيم فيروز، پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر يوسف بلوچ، نبيل گبول، جاويد ناگوري، خليل هوت، ڪرم الله وقاصي، چيئرمين لياري ٽائون ناصر ڪريم بلوچ، ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان، لياري ٽائون مان چونڊيل يو ايس سي جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، ڪائونسلر ۽ عوام جو وڏو انگ پڻ موجود هئا. سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري جي نيڪال ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور صلاحيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. سبزواري ٽرينگل پارڪ ۽ وال آف لياري گيٽ لياري جي عوام لاءِ سندن چونڊيل حڪومت جو تحفو آهي. ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان لوران جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته لياري ۾ رڳو پيپلز پارٽي ڪم ڪيو آهي، اسان جي پارٽي ئي نوڪريون ڏئي ٿي. لياري ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري سميت روڊن جي تعمير، صفائي ۽ نيڪال جي نظام کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو لياري ۾ فٽبال، باڪسنگ، ڪراٽي ۽ ٻين راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ لاءِ لڳاتار قدم کنيا پيا وڃن جنهن جو تازو مثال بين الاقوامي معيار جو ڪڪڙي گرائونڊ اسپورٽس ڪمپليڪس آهي. ان موقعي تي چيئرمين لياري ٽائون ناصر ڪريم بلوچ ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو