ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لنڪا پريميئر ليگ جي لاءِ رانديگرن جي نيلامي پهرين آڪٽوبر تي ٿيندي. لنڪا پريمئر ليگ جي لاءِ رانديگرن جي نيلامي ۾ شاهد آفريدي، ڪرس گيل، ڊيرن سيمي، ڊيرن براوو، شڪيب الحسن، روي بوپاره، ڪولن منرو، مناف پٽيل ۽ فيلنڊر سميت دنيا جا 150 بهترين رانديگر شامل آهن.هر فرنچائز 6 انٽرنيشنل رانديگرن جون خدمتون حاصل ڪر ي سگهي ٿي. پنج ٽيمن مان 30 عالمي رانديگرن سان گڏ 65 مقامي رانديگر به شرڪت ڪندا. ايونٽ 14 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين شيڊول آهي. سمورا ميچ دمبولا، پاليڪ لي ۽ همبنٽوٽا اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.










