لنڊن )ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ سال جي ٽئين گرينڊ سليم ايونٽ ومبلڊن چيمپئن شپ جي شروعات ٿي وئي. ومبلڊن جي پهرين ڏينهن دفاعي چيمپئن اٽليءَ جي يانڪ سنر کي ڪاميابيءَ لاءِ پورا پنج سيٽ کيڏڻا پيا. هن ساڍن ٽن ڪلاڪن جي مقابلي کانپوءِ ڪمانووچ کي شڪست ڏني. سربيا جي نوواڪ جوڪووچ پڻ چار سيٽن جي مقابلي کانپوءِ چين جي وو يي بنگ کي هرايو. ويمينز ايونٽ ۾ بيلاروس جي آريانا سبالنڪا پڻ پنهنجو ميچ کٽي ٻئي مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي.










