لمپي بيماري جي ويڪسين لڳڻ شروع ڪئي آهي : لائيو اسٽاڪ کاتو

لمپي بيماري جي ويڪسين لڳڻ شروع ڪئي آهي : لائيو اسٽاڪ کاتو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر مظفر علي بروهي) ٽنڊومحمدخان ۾ چوپائي مال ۾ وچڙندڙ لمپي وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ويڪسين پھچي وئي .مالوند ڀاڳيا ھاڻي پريشان نه ٿين. لائيو اسٽاڪ کاتو لائيو اسٽاڪ کاتي ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالقدوس ميمڻ جي اڳواڻي ۾ لمپي چمڙي جي بيماري بابت اھم ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي سينئر ويٽنري آفيسرس ۽ ويٽنري آفيسرس ۽ سينئر اسٽاڪ اسسٽنٽ ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ميٽنگ ۾ طئي ڪيو ويو ته لمپي چمڙي جي بيماري کان بچاءُ لا۽ ويڪسين شروعاتي ڏنل ھدايتن مطابق شروع ڪئي ويندي ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽرڊاڪٽر عبدالقدوس ٻڌايو ته لمپي اسڪن بيماري کان بچاءُ جي ويڪسين اسان کي مٿان بلا آفيسرن جي ڪوشش سان جلد مھيا ڪئي وئي آهي .ھنن وڌيڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيوته اسان سموري ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ۵ اپريل۲۰۲۲ کان ويڪسين جي شروعات ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ اسان جا ڊاڪٽر مالوند ماروئڙن جي گھر جي درن تي وڃي جانورن کي بچاءَ جي ويڪسين ڪنداسين اسان جي اھا ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ جانورن کي ويڪسين ڪري لمپي اسڪن بيماري کان جانورن کي بچايو وڃي جڏهن ته سموري ضلعي اندر ويڪسين جو سلسلو جاري رکيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو