لعل شهباز قلندر جي مزار تي حملي جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو

لعل شهباز قلندر جي مزار تي حملي جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو

ڪراچي (رپورٽر) لعل شهباز قلندر جي مزار تي حملي جو ٿعريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي آئي جي سنڌ پوليس جي افيس مان ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي ليٽر اماڻيو ويو پوليس ذريعن موجب سيوهڻ شريف، لعل شهباز قلندر جي مزار بابت سيڪيورٽي ٿريٽ الرٽ آهي خط ۾ لکيو ويو آهي ته لعل شهباز قلندر جي مزار تي دهشتگردي جو خطرو آهي جنهن سبب سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪيو ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ پوليس حفاظتي انتظام ڪري آئي جي سنڌ پوليس جي خط ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي جي حوالي سان لعل شهباز قلندر جي مزار ڪئٽيگري ۾ اي ۾ شامل آهي هزارين پانڌيئڙا مزار تي زيارت لاءِ اچن ٿا جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن پرڏيهي پانڌيئڙا به لعل شهباز قلندر جي مزار تي اچن ٿا مزار تي 111 پوليس اهلڪار مقرر هئا جيڪي گهٽائي 93 ڪليا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو