لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان کهاوڙ برادري جي ٻن ۾ جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.لهر ڪالوني واسي سيلون هلائيندڙ شادي شده 18 ورهين جي نوجوان علي عباس پٽ علي گل کهاوڙ کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر کڻائي پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو.ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ علي رضا کهاوڙ ٻڌايو ته 3 مهينا اڳ اسان جو پنهنجي ئي ماساتن سان سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ هو اڄ اسان جي ماسات بشير کهاوڙ، حسين کهاوڙ ۽ هڪ نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي منهنجي ڀاءُ علي عباس کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.










