لاڙڪاڻو: سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، 6 ٻارن جي ماءُ قتل

لاڙڪاڻو: سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، 6 ٻارن جي ماءُ قتل

لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان 6 ٻارن جي ماءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.لاڙڪاڻي شهر جي ڪنگا ٿاڻي جي ياسين چوڪ واري علائقي ۾ هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان 6 ٻارن جي ماءَ لطيفان زال لکهمير شر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جي ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي مقتولا عورت جي نڻان ريشمان ٻڌايو ته سڱاوتي معاملي تان ڏيرن، سئوٽن ۽ ڀائرن شوڪت شر، اڏيل، سانگي شر، گلشير، غفور، ملان، شهمير شر ۽ ٻين لطيفان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو