لاهور، گهر مان سحري وقت 19 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي ڦر

لاهور، گهر مان سحري وقت 19 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي ڦر

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ 19 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ڦر جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب ڊفينس اي ۾ وڏي ڌاڙي جي واردات ٿي جنهن ۾ هٿياربند ماڻهو 19 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو سون، روڪ ۽ قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب لاهور جي علائقي ڊفينس اي ۾ چوري جي وڏي واردات پيش آئي آهي جنهن کان پوءِ متاثر شهري عامر سعيد جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ايف بي آر موجب واردات انهي وقت ٿي جڏهن گهر جا رهواسي سحري ڪري گهر واپس آيا، گاڏي ۾ سوار چار ڏوهاري موقعو ڏسي گهر جي اندر داخل ٿي ويا.ايف آءِ آر موجب گهر ڀاتين کي ٽي وي لائونچ ۾ يرغمال بنايو جنهن کان پوءِ هٿياربندن 200 تولا سون، هڪ ڪروڙ 25 لک روپيه ماليت جي ڊائمنڊ جيولري، تقريبن 10 ڪروڙ روپيه ماليت جو سامان سامان ڦر ڪري ورتو.ايف آءِ آر موجب گهر جي ٻئي منزل مان 3 ڪروڙ روپيه ماليت جو سون، پرڏيهي ڪرنسي به ڦر ڪري ڪئي وئي. ڏوهاري صبح 4 لڳي 22 منٽن تي گهر ۾ داخل ٿيا. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ڏوهارين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو