ڪراچي (ويب ڊيسڪ)لاهور ۽ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خانن جون خدمتون معطل ڪيون ويون آهن، 13 مارچ تي طئي ٿيل مهاجر ۽ غير مهاجر ويزا اپائنٽمينٽس منسوخ ڪيون ويون آهن.آمريڪي سفارتخاني موجب، درخواست ڏيندڙن کي نئين اپائنٽمينٽ لاءِ هدايتون اي ميل ذريعي ڏنيون وينديون. آمريڪي شهرين لاءِ معمول ۽ ايمرجنسي خدمتون جاري رهنديون. ٻئي طرف، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ڪراچي ۾ آمريڪي قونصليٽ ۾ فساد دوران 11 ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ واري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ايس ايس پي امجد شيخ مڪمل تفصيل فراهم ڪيا ۽ قونصل خاني جي ٻاهران ٿيندڙ هنگامن جون وڊيوز پڻ پيش ڪيون ويون. ڪميٽي پاران وڌيڪ آفيسرن کي به طلب ڪيو ويندو، جنهن کي 7 ڏينهن اندر گهرو وزير کي مڪمل تفصيل سان رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي.










