لاهور: گهرن ۾ مان چوري ڪندڙ 2 پوليس اهلڪار گرفتار

لاهور: گهرن ۾ مان چوري ڪندڙ 2 پوليس اهلڪار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪُ)لاهور ۾ گهر ڀڃڻ ۾ ملوث ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن کان چوري ٿيل زيور، نقد رقم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.ايس پي صدر رانا حسين طاهر چيو ته چوهنگ پوليس گهر ڀڃڻ ۾ ملوث هڪ ٽولي جي ٽن ميمبرن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل آهن.هن چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ پوليس اهلڪار علي حيدر، برطرف آفيسر راحت علي ۽ سندس ساٿي شامل آهن.ايس پي موجب، نواب ٽائون پوليس هني ٽريپ جي واقعن ۾ ملوث ٽولي جي ٽن ميمبرن رضا، خرم ۽ سليمان کي به گرفتار ڪيو آهي.جوابدار آن لائن خريداري تي رعايت ڏيڻ جي بهاني سان شهرين کي فون ڪندا هئا، پوءِ انهن جون ننگي وڊيوز ٺاهيندا هئا، انهن تي تشدد ڪندا هئا ۽ انهن کان نقد رقم ۽ قيمتي شيون ڦريندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو