سرڪاري اٽو وڪڻندڙ ٽرڪ ڊرائيور کان ڦر

سرڪاري اٽو وڪڻندڙ ٽرڪ ڊرائيور کان ڦر

لاهور (ويب ڊيسڪ) مناواڻي ۾ سرڪاري اٽو وڪرو ڪري واپس ويندڙ ٽرڪ کي 3 جوابدارن ڦر ڪري ورتو.موٽرسائيڪل سوار جوابدار ٽرڪ ڊرائيور کان بندوق جي زور تي 3 لک 90 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ٻئي طرف لاهور ۾ داتا درٻار وٽان موبائل فون چوري ڪندڙ ٽريفڪ وارڊن کي گرفتار ڪري ورتو. ان کان علاوه غازي آباد ۾ استاد جي پٽ پاران 16 ورهين جي نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف گوجرانوالا ۾ هڪ گهر ۾ ڦر جي واردات ٿي، جنهن ۾ چور گهر کي يرغمال بڻائي 4 ڪروڙ رپيا ڦر ڪري ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو