اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل نديم رضا سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته نيشنل اسٽريٽجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان هر قيمت تي پاسو ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ سيسا پلائي ديوار وانگر بيٺل آهي.نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت ملڪ جي دفاع ۽ سالميت جي ضامن آهي، ايٽمي پروگرام کي عوام ۽ سمورين سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي.هن چيو ته قومي اسٽريٽجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان هر قيمت تي پاسو ڪيو وڃي، سول ۽ فوجي قيادت هن اسٽريٽجڪ پروگرام سان گڏ ديوار وانگر بيٺل آهي. جنرل نديم چيو ته قومي سلامتي ناقابل تقسيم آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ايٽمي پروگرام تي سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستان هڪ ذميوار ۽ پراعتماد ايٽمي ملڪ آهي، پاڪستان جي پاليسي فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس آهي جيڪا قابل اعتماد ايٽمي توازن جي دائري ۾ آهي. ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل نديم رضا وڌيڪ چيو ته اسان جو نيشنل سيڪيورٽي اينڊ سيفٽي ميڪنزم هر قسم جي خطرن جي خلاف قومي ۽ بين الاقوامي ضابطن جي پاسداري ڪري ٿو، اسان کي جواب ڏيڻ ۽ تبصرو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.










