قومي اسيمبلي ۾ ٻه قانون منظور

قومي اسيمبلي ۾ ٻه قانون منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ريلوي ايڪٽ ۾ سنگين ڏوهن ۾ موت جي سزا ختم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهريت ڇڏيندڙن کي ٻيهر شهريت ڏيڻ جا قانون منظور ڪري ورتا. جمعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر رانا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ وفاقي وزير خورشيد شاه چيو ته جنهن پارليامينٽ کي عزت نه ڏني اهي سياست کان به ٻاهر ٿي وڃن ٿا هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي کان پوءِ دنيا ڪهڙا واعدا ڪيا وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي هن ايوان ۾ اچي ٻڌائڻ گهرجي اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي اسلم ڀوتاني ۽ ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا خرم دستگير چيو ته ايندڙ مهيني بجلي سستي ٿي ويندي اجلاس ۾ ريلوي ايڪٽ 1890 جي قانون ۾ ترميم ڪري سنگين جرم جي موت جي سزا ختم ڪرڻ ۽ شهريت ڇڏيندڙ پاڪستانين کي ٻيهر شهريت حاصل ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي قانون جي منطوري ڏني وئي قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو