اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 14 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي 4 اپريل واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.14 مئي گذري وئي پر سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پنجاب ۾ عام چونڊون نه ٿي سگهيون.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر 3 رڪني بينچ ۾ شامل آهن.اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪن ٿا، ان صورت ۾ صوبن کي به نوٽيس جاري ڪندا.سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست جي قابل قبوليت تي دليل ڏيو، دليلن ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته مونکي ٻه ٽي ڏينهن لڳندا.ان دوران پي ٽي آءِ جو وڪيل علي ظفر روسٽرم تي آيو، هن چيو ته آئين جو قتل ڪيو ويو آهي، ملڪ جي 10 ڪروڙ آبادي نمائندگي کان محروم آهي.چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ چونڊن جو وقت اچي ويو آهي، جنهن طريقي سان سياسي طاقت جو استعمال ٿي رهيو آهي اهو پريشان ڪندڙ آهي، ٻاهر جو ماحول ڏسو، ٻه اهم شيون فنڊز ۽ سيڪيورٽي هئا، اڄ توهان درخواست سپريم کي حوالي ڪري ڇڏي آهي. عدالت اختيارين جو پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، اهو موقف توهان جي بنيادي ڪيس ۾ نه هو، سپريم ڪورٽ جي دائري اختيار تي ڪنهن ٻئي کي ڳالهائڻ گهرجي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته وفاقي حڪومت کي ان معاملي تي عدالت ۾ اچڻ گهرجي ها پر اهي نه آيون، نظر ثاني جو آپشن اوهان وٽ هو جيڪو اوهان استعمال ڪيو، ملڪ جا ادارا ۽ اثاثا سڙي رهيا آهن، وفاقي حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي. ٻاهر ڏسو، تنصيبات کي باهه ڏني پئي وڃي، الله تعاليٰ ڏکئي وقت ۾ صبر جي نصيحت ڏئي ٿو، وفاقي حڪومت بيوس نظر اچي ٿي، اسان به ڏسنداسين ته چئن پنجن ڏينهن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.










