قنڌار مسجد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 41 ٿي ويو

قنڌار مسجد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 41 ٿي ويو

قنڌار(ويب ڊيسڪ) طالبان جي جنم ڀومي ڪابل کانپوءِ ٻئي وڏي شهر قنڌار جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز مهل خود ڪش حملي ۾ مرندڙن جو انگ 41 ٿي ويو آهي. خابرو ادارن مقامي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اڳ ۾ فائرنگ ٿي جنهن بعد ٽي ڌماڪا ٿيا، هڪ خودڪش بمبار مسجد جي دروزاي تي پاڻ کي اڏايو ٻن بلڊنگ اندر ڌماڪا ڪيا. نمازي ڀت سان لڪي ويا. ڪنهن به هن مهل تائين ذميواري قبول ناهي ڪئي پر عام گمان آهي ته داعش خراسان وارن اهي حملا ڪيا هوندا ڇو ته طالبان ڪجهه ڏينهن اڳ خراسان جي جنگجئن کي قتل ڪيو هو ۽ ڪيترن کي گرفتار به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو