قمبر: (ن س) قمبر ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي حسن سردار نيازي کي اطلاع مليو ته گشت تي موجود پوليس اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ هٿيار ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي حسن سردار نيازي وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ اسماعيل گراماني جي نالي سان ٿي آهي. ڌاڙيل اسماعيل جي ٻين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.حسن سردار نيازي چيو ته ڌاڙيل اسماعيل، جيڪو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، هڪ سرگرم ڏوهاري هو ۽ ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. کيس ابتدائي طبي امداد لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.










