اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ شاهه محمود جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي تي شاهه محمود قريشي خلاف داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ شاهه محمود پنهنجي وڪيل علي بخاري سميت عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران اي ٽي سي جج راجا جواد عباس جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا شاهه محمود قريشي کي ڪيسن مان ڇوٽ ڏني وڃي؟ ان تي جاچ آفيسر چيو ته شاهه محمود کي ايما جي شقن جي حد تائين ڪيس ۾ نامزد ڪيو وڃي. جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته استغاثه کان پڇيو وڃي ته الله کانسواءِ شاهد ڪير آهي؟جج جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻي پرڏيهي وزير کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي، ان جو سبب ٻڌايو، جنهن تي شاهه محمود جي وڪيل چيو ته سندس موڪل جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو.بعد ۾ عدالت شاهه محمود جي وڪيل ۽ جاچ آفيسر جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ٻنهي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي عبوري ضمانت ۾ 29 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.










