ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قطر جي گهرو وزارت موجب، آچر جي صبح هڪ هيليڪاپٽر ڪريش ٿيڻ سبب ان ۾ سوار ڇهه ماڻهو فوت ٿي ويا۔ وزارت موجب، هڪ ستون ماڻهو اڃا تائين نه مليو آهي ۽ سندس ڳولا جاري آهي۔ ان کان اڳ قطري دفاعي وزارت ٻڌايو هو ته هيليڪاپٽر معمول جي ڊيوٽي دوران “ٽيڪنيڪل خرابي” سبب علائقائي سامونڊي پاڻي ۾ ڪري تباهه ٿيو آهي. ترڪيه جاري ڪيل هڪ بيان م ٻڌايو آهي ته قطر جي تباهه ٿيل هيليڪاپٽر ۾ هڪ فوجي ۽ ٻه دفعي ڪمپني جا ملازم جيڪي ترڪش هئا، فوت ٿي ويا آهن.










