ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجي خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي.بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ 13 ميمبرن جي ضرورت هئي پر رڳو 11 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو. نگران اسپيڪر گهربل ميمبرن جي حمايت نه ملڻ تي بي اعتماديءَ جي رٿ کي غير اثرائتو قرار ڏئي ڇڏيو.










