اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ قاسم سوري چيو ته وڏي صاحب جون سخت هدايتون آهن ته عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي، ملڪ جون حالتون خراب ٿيڻ تي به عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي.هن چيو ته ساڳئي منصوبي تحت عمران خان جي زخمي ٿيڻ باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سندس غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ضمانت رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جڏهن ته ٻئي طرف حمزا شهباز ۽ شهباز شريف تي ڪرپشن ڪيسن ۾ ٽرائل هلي رهيو آهي. قاسم سوري چيو ته لنڊن پلان تحت اسلام آباد ۾ ٻيهر قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، سمورن اعليٰ آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، سادا ڪپڙا پهريل سٺي تعداد ۾ حاضر هوندا، اسلام آباد پوليس کي اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، اهم. ماڻهن جي نگراني ڪئي ويندي، صحافين لاءِ خاص هدايتون ۽ علائقي ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ جان ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون










