ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انديز جي ٻيٽ جميڪا ۾ فٽبال ميچ دوران وڄ ڪرڻ سبب 5 رانديگر زخمي ٿي پيا. جن مان ٽن کي گرائونڊ ۾ طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته ٻن رانديگرن جي حالت خراب هئڻ ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو آهيو. جميڪا جي گادي واري شهر ڪنگسٽن ۾ ٻن ڪالج ٽيمن وچ ۾ ميچ هلندڙ هو ته اوچتو وڄ ڪرڻ سبب ٻن رانديگرن مٿو پڪڙي دانهون ڪري پيا. جڏهن ته ثي ٻيا پڻ متاثر ٿيا. ريفري راند بند ڪرائي ڇڏي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان بابت تماشائين ويڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي ته سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي وئي. راند جي ميدان ۾ وڄ سبب زخمي ٿيڻ جو پنهنجي طرز جو انوکو واقعو آهي.










