فيڪٽري ۾ بوائلر ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 16 ٿي ويو

فيڪٽري ۾ بوائلر ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 16 ٿي ويو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد جي ملڪ پور علائقي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سان ٿيل ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 16 تائين پهچي ويو آهي. ملڪ پور ۾ واقع فيڪٽري ۾ ڌماڪو ايترو شديد هو جو فيڪٽري ڪري پئي ۽ باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڀرپاسي وارن گهرن جون ڇتيون ڪري پيون.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو. هاڻي تائين 14 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 2 زخمي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا آهن.ريسڪيو اختيارين موجب، 6 ماڻهن کي زخمي حالت ۾ بچايو ويو ۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي واري هنڌ تان ملبو هٽايو پيو وڃي، ۽ خطرو آهي ته وڌيڪ ماڻهو فيڪٽري ۽ گهرن جي ملبي هيٺان دٻجي سگهن ٿا.ڪمشنر فيصل آباد جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته فيڪٽري ۾ ڌماڪو گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٿيو. ملڪ پور ۾ 4 فيڪٽريون گڏجي ڪم ڪري رهيون هيون. فوت ٿيندڙن ۾ گهڻا ماڻهو فيڪٽري سان ڳنڍيل گهرن جا رهواسي هئا.ڪمشنر موجب، واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو