نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ فٽبال جي گروپ ايف ۾ جاپان تيونس کي 0-4 گوز تان شڪست ڏئي ڇڏي. جاپان جا 2 ميچن ۾ 4 پوائنٽس ٿي ويا آهن ۽ اهو گروپ ۾ ٻي پوزيشن تي موجود آهي. ان کان اڳ ايڪواڊور ۽ ڪوراسائو جي وچ ۾ کيڏيل ميچ ڊرا ٿي وئي. فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ايڪواڊور ۽ ڪوراسائو جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول روڪڻ جو رڪارڊ برابر ٿي ويو. ميچ ۾ ڪوراسائو جي گول ڪيپر شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ايڪواڊور جا 15 کان وڌيڪ گولن جا حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا. پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ڪوراسائو ايونٽ ۾ پنهنجو پهريون پوائنٽ حاصل ڪري ورتو آهي.










