ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو فيبروري ۾ 78.46 سيڪڙو گهٽتائي بعد 545 ملين ڊالر ٿي ويو، جيڪو جنوري ۾ درآمدات ۾ تيزي سان اضافي بعد 2.53 بلين ڊالر تائين پهچي ويو هو. مالي سال 2022ع جي پهرين 8 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 12 ارب ڊالرن جي سطح عبور ڪري ويو هو ۽ پرڏيهي واپار ۾ بهتري جا ڪي به آثار نظر نه پيا اچن، فيبروري 2021ع ۾ اهو خسارو صرف 40 ڪروڙ 34 لک ڊالر هو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي 12 ارب 9 ڪروڙ 90 لک ڊالر ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ 99 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جو خسارو سرپلس هو.










