ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال فيبروري ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ٻه ارب ڊالر پاڪستان موڪليا.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب هلندڙ سال فيبروري ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻو جنوري جي ڀيٽ ۾ تقريبن 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي.جنوري ۾ هڪ ارب 89 ڪروڙ ڊالر موڪليا ويا هئا، 31 مهينن کانپوءِ جنوري 2023 ۾ ناڻي جي پهچ ٻه ارب ڊالرن کان گهٽ هئي، جيڪا فيبروري ۾ وڌي آهي.گذريل 8 مهينن ۾ ناڻي جي پهچ مجموعي طور تي 18 ارب ڊالر رهي، جيڪا گذريل سال جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ تقريبن 11 سيڪڙو گهٽ آهي.










