راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان جي علائقي دير دوني ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. جڏهن ته فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ڀرپور جواب ڏنو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد پڻ زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بلال، سپاهي سيد رجب حسين، سپاهي بسم الله جان شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي.










