فورسز ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو، 2 جوان شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

فورسز ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو، 2 جوان شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ فورسز سان مقابلي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد پڻ مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سپاهي عمران الله ۽ سپاهي افضل خان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳايو، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو