سکر (بيورو رپورٽ) آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ ريگيولر ڪميشنڊ آفيسر طور ڀرتي ٿيڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪيڊٽ ڪورس جي انٽري ٽيسٽ سيپٽمبر 2020 جي آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ 24 فيبروري 2020 کان 23 مارچ 2020 تائين مقرر ڪئي وئي آهي. وڌيڪ تفصيلن لاءِ آرمي سليڪشن اينڊ رڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي ٽيليفون نمبر 0715805599 ۽ 03215399030 تي رابطو ڪيو يا پاڪستان آرمي جي ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk وزٽ ڪري سگهجي ٿي.










