اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) عدليا ۽ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي ۽ مختلف شهرن مان ڪترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، گجرات، پشاور، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. عمران خان کي عدام اعتماد ذريعي هٽائڻ بعد جرنيلن ۽ ججن خلاف کلي عام تنقيد ڪرڻ ۽ سندن خلاف اعتراض جوڳي ٻولي ۽ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ جو گذريل ڏينهن فارميشن ڪمانڊرز جي ڪانفرنس ۾ نوٽيس ورتو ويو هو. جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف ايف آءِ اي کي ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪيترا ماڻهو روپوش آهن، 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 50 هزار کان مٿي اڪائونٽس ۽ پيجز جي نشاندگي ڪئي وئي آهي. ڪجهه اڪائونٽ بلاڪ به ڪرايا ويا آهن.










