فوج ۽ عدليا تي تنقيد ڪندڙ کي 5 سال تائين سزا ملندي

فوج ۽ عدليا تي تنقيد ڪندڙ کي 5 سال تائين سزا ملندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري تصديق ڪئي آهي ته وفاقي ڪابينا صدارتي آرڊيننس تحت پرينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) 2016ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فواد چوڌري ڊان نيوز کي ٻڌايو ته آرڊيننس ذريعي قانون ۾ ترميم جي منظوري سرڪيوليشن ذريعي حاصل ڪئي وئي آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ترميمن تحت سوشل ميڊيا تي ڪنهن کي بدنام ڪرڻ قابل سزا جرم هوندو، عدالت پيڪا تحت داخل ڪيسن جا 6 مهينن اندر فيصلا ڪنديون. فواد چوڌري ان کان اڳ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته ٻه اهم قانون منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪليا ويا آهن، پهريون قانون پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو. هن چيو ته ٻئي قانون تحت سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ قابل سزا جرم آهي، عدالتن کي ڇهن مهينن اندر فيصلو ڏيڻو آهي. وفاقي ڪابينا کي جاري ڪيل سرڪيوليشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 25 سڀني شهرين جي برابري ۽ قانون جي برابر تحفظ کي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. سرڪلوليشن ۾ چيو ويو آهي ته پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي لا ڊويزن اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام ايڪٽ 2016 ۾ مخصوص ترميمن جو مسودو تيار ڪيو آهي ۽ اهو آرڊيننس تحت جاري ڪيو ويندو ڇو ته هن وقت پارليامينٽ جو اجلاس نٿو هلي.وفاقي حڪومت فوج ۽ عدليا جي ادارن تي تنقيد کي ڏوهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ عدليه، فوج ۽ ٻين ادارن خلاف نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل ترميم تحت ادارن تي تنقيد ڪندڙن کي 3 کان 5 سالن تائين سزا ڏني ويندي.ذريعن موجب پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جلد جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو