پي ڊي ايم جي شڪست ۽ پ پ کي سوڀ ٿي،شيخ رشيد

پي ڊي ايم جي شڪست ۽ پ پ کي سوڀ ٿي،شيخ رشيد

راولپنڊي (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم پنهنجي شڪست مڃي ورتي ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي سوڀ ظاهر ٿي وئي آهي.راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندي. هنن پنهنجي دورن ۾ قومي احتساب بيورونيب کي ختم ناهي ڪيو ۽ هاڻ هو ختم نه ٿيندي. هن چيو ته جنهن ڏينهن پي ڊي ايم لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندي ان ڏينهن اسان به پنهنجو قانوني حق وارو رستو وٺنداسين. فوج جي خلاف ڳالهائيندڙن مٿان 72 ڪلاڪن ۾ پرچو ڪاٽيو ويندو.وفاقي گهرو وزير چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پاسپورٽ جو مدو 16 فيبروري تي ختم ٿيڻ کان پوءِ  ان ۾ واڌ نه ٿيندي. پي ڊي ايم وارا عوام کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته قومي ادارن جي خلاف جيڪو ڳالهائيندو ان جي خلاف ڪيس داخل ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪرپشن ڪريون ته اسان جي خلاف به نيب ايڪشن کڻندو.عمران خان حڪومت ڇڏي سگهي ٿو پر اين آر او اڳيان سرينڊر نه ڪندو ۽ نه ئي وزيراعظم استعيفيٰ ڏيندو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم وارا لانگ مارچ ضرور ڪن سومر کان اسان به استقبال جون تياريون ڪري رهيا آهيون ۽ اها به سٺي ڳالهه آهي ته هنن چونڊن جون ڳالهيون ڪيون آهن ڇو ته ميدان خالي نه هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو