اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري جِي نااهلي بابت ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو، چيف جسٽس اطهر من الله سومر تي فواد چوڌري جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو، عدالت درخواست تي فواد چوڌري ۽ اليڪشن ڪميشن کي اڳ ئي نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته فواد چوڌري جهلم واري زمين گوشوارن ۾ ظاهر ناهي ڪئي، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.










