اسلام آباد ( بيورو) ايف آءِ اي غيرقانوني فنڊنگ ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي ٽن مرڪزي اڪائونٽن جو پتو لڳائي ورتو.ايف آءِ اي ذريعن موجب ٽئي اڪائونٽ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب وٽان رقم موڪلڻ لاءِ استعمال ٿيا، ٽنهي اڪائونٽن ذريعي وڏي رقم ٻاهرين ملڪ مان پاڪستان آئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق شفيع ئي اهو شخص آهي جنهن انصاف ٽرسٽ کوليو هو.ايف آءِ اي ذريعن موجب طارق شفيع جا اڪائونٽ منجمد ڪري کيس جواب لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي طرفان طارق شفيع ۽ عارف نقوي مٿان پرڏيهي سفر ڪرڻ عبوري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي










