ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي فردوس ڪالوني علائقي ۾ غير قانوني تعميرات جي ڪيس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي فردوس ڪالوني علائقي ۾ غير قانوني تعميرات خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ان موقعي تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فردوس ڪالوني ۾ غير قانوني تعميرات ٿي رهيون آهن.عدالت پڇيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته غير قانوني تعميرات ٿي رهيون آهن؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فردوس ڪالوني ۾ حصا ٺاهي ۽ وڪرو ڪيا پيا وڃن.










