فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف راڻا شميم  اپيل داخل ڪري ڇڏي

فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف راڻا شميم  اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم ڪوڙو بيان هلفي جمع ڪرائڻ تي لاڳو ٿيل فرد جرم خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ م داخل ڪري ڇڏي آهي. هن بيان حلفي ۾ چيو هو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان جي دوري وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي فون ڪري چيو هو ته 2018 جي عام چونڊن تائين نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ رکڻو آهي ۽ کين آزاد ناهي ڪرڻو ڇو ته مٿان کان حڪم آهي ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي. سندس بيان حلفي جي خبر دي نيوز اخبار ۾ شايع ٿي هئي 7 عدالت انصار عباسي ۽ مير شڪيل الرحمان سميت صحافين کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو هو پر فرد جرم مٿن لاڳو نه ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو