لاهور(ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ 11 ۾ حيدرآباد ڪنگز مين ملتان سلطانز کي کٽڻ لاءِ 226 رنز جو هدف ڏنو آهي۔ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ حيدرآباد ڪنگز مين ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ حيدرآباد ڪنگز مين مقررہ 20 اوورن ۾ معاذ صداقت ۽ شرجيل خان جي جارحاڻي بيٽنگ سبب 5 وڪيٽن جي نقصان تي 225 رنز ٺاهيون۔ معاذ صداقت 26 بالن تي 62 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ شرجيل خان 51 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔ ان کان علاوه صائم ايوب 27، عثمان خان 25 ۽ عرفان خان 22 رنز ٺاهيون۔ ملتان سلطانز جي طرفان محمد وسيم 2 جڏهن ته محمد نواز، ايشٽن ٽرنر ۽ پيٽر سيڊل هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي۔ ملتان سلطانز خلاف ميچ لاءِ حيدرآباد ڪنگز مين جي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن۔ حماد اعظم جي جاءِ تي شرجيل خان ۽ عاڪف جاويد جي جاءِ تي محمد علي کي شامل ڪيو ويو آهي۔ واضح رهي ته حيدرآباد ڪنگز مين کي ايونٽ ۾ هينئر تائين لڳاتار 2 ميچن ۾ شڪست ملي آهي۔ ملتان سلطانز هينئر تائين هڪ ميچ کيڏي چڪو آهي جنهن ۾ کيس ڪاميابي ملي آهي۔ پي ايس ايل جو هيستائين وڏو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ صاحبزاده فرحان ۽ اسٽيو سمٿ جارحاڻي بيٽنگ ڪئي ۽ 104 رنز جي پارٽنرشپ ٺاهي سمٿ 46 رنز تي آئوٽ ٿيو. پچ ۽ بال آلو هجڻ ڪري بيٽرز لاءِ آسان هئي ۽ بالرن کي ڪٽڪو مليو. جوش فلپي 9، شان مسعود 29، ايشتن ٽرنر 4 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. صاحبزاده فرحان 55 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي ۽ عرفات منهاس به زبردست شاٽ کيڏيا ۽ 11 بالن تي 26 رنز اسڪور ڪيون. صاحبزاده فرحان وننگ اسٽروڪ ڇڪو هنيو ۽ 18.4 اوورن م 227 رنز ٺاهي 6 وڪيٽن تان کٽي ورتي.










