فرح گوگي پنجاب نه سڄي ملڪ جو حق کاڌو:مريم

فرح گوگي پنجاب نه سڄي ملڪ جو حق کاڌو:مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ۾ بني گالا ڪرپشن جو هيڊ ڪوارٽر بڻيل هو، ن ليگ کي پنهنجي سياست نه رياست جي ڳڻتي آهي.سوشل ميڊيا ٽيم سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪرپشن جي هيڊ ڪوارٽر بني گالا جو فرنٽ مين عثمان بوزدار ۽ فرنٽ پرسن فرح گوگي هئي، فرح گوگي رڳو پنجاب نه سڄي ملڪ جو حق کاڌو، ڪالهه آڊيو هلي رهي هئي، جنهن ۾ خاتون اول چئي رهي هئي ته مون کي 3 نه 5 قيراط جو هيرو گهرجي.هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهو انقلاب، جنهن کي گهٽي گهٽي مان نڪرڻو هو اڄ پنهنجون ضمانتون ڪرائي رهيو آهي، سپر پاور کي للڪارڻ وارو راهداري ضمانت لاءِ پشاور ۾ لِڪي ويٺو، ظلم سهڻ لاءِ توهان کي نواز شريف جهڙو جگر گهرجي.سندس چوڻ هو ته جيڪو شخص 4 سال حڪومت ڪري ويو آهي، اهو ڪارڪردگي ٻڌائڻ لاءِ پرچي پڙهي رهيو هو، پوءِ به نه ٻڌائي سگهيو، ان شخص کي پرچي به پڙهڻ نه آئي، جنهن ڪو ڪم نه ڪيو اهو ڇا پڙهندو، ن ليگ جي 6 هفتن جي ڪارڪردگي مان ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان.مريم نواز چيو ته بدقسمتي سان ن ليگ جڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي، ان کي تباهه ٿيل پاڪستان ملندو آهي ۽ خوش قسمتي سان نواز شريف ۽ شهباز شريف سدائين پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍي ترقي جي رستي تي آندو، پاڪستان جي خدمت ڪنهن جماعت جي حصي ۾ آئي آهي ته اها ن ليگ آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ اها بجلي الائي ڪاڏي وئي، جيڪا نواز شريف ٺاهي هئي، اسان کي پنهنجي سياست جي نه رياست جي ڳڻتي آهي، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ آيا آهيون، عوام سان واعدو ٿا ڪيون ته ترقي جي نئين رستي تي هلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو