اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکي ججن جي مقرري ۽ ڪيسن ۾ واڌ جو معاملو اٿاريو آهي. خط جي متن موجب هر گذرندڙ ڏينهن سان ڪيسن جو جبل وڌي رهيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي گنجائش کان 30 سيڪڙو گهٽ تي ڇو هلي رهي آهي؟ انصاف جي جلد فراهمي کي يقيني بڻائڻ آئين تحت سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي، نه ته سپريم ڪورٽ غير فعال ٿي وڃي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري جي سفارش ڪندڙ جوڊيشل ڪميشن 9 ميمبرن تي مشتمل آهي، سپريم ڪورٽ چيف جسٽس ۽ 16 ججن تي مشتمل آهي پر هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جون 5 پوسٽون خالي آهن. گلزار احمد جي رٽائرڊ ٿيڻ ۾ 239 ڏينهن، جسٽس قاضي امين احمد جي رٽائرڊ ٿيڻ کي 187 ڏينهن، جسٽس مقبول باقر جي رٽائرڊ ٿيڻ ۾ 177 ڏينهن، جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي رٽائرڊ ٿيڻ کي 77 ڏينهن، جسٽس سجاد علي شاهه جي رٽائرڊ ٿيڻ کي 46 ڏينهن ٿي ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عوام سپريم ڪورٽ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪري ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ 700 عملي جو عملو آهي، اسان کي عوام کي سپريم ڪورٽ مان مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين، هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته جناب چيف جسٽس صاحب توهان کي ان آئيني ذميواري بابت ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو آهي، ان ڪري عرض آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ فوري طور جڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرايو وڃي.










