ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، لياري يونيورسٽي ۾ غير قانوني ڀرتين واري معاملي ۾نيب کي آغا سراج دراني جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، 11 فيبروري تائين حفاظتي ضمانت منظور، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي بعد آغا سراج دراني چيو ته بيروزگار ماڻهو اسان وٽ نوڪري لاءِ ايندا آهن ته سفارش ڪري ڇڏيندا آهيون، پهريان به نيب ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، منهنجي فيملي جو سياست سان واسطو ناهي، نيب ڪيسن کي منهن ڏينداسين.










