غير پرڏيهين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ شهرين جو احتجاج

غير پرڏيهين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ شهرين جو احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار) ٻنون ۾ نوجوان اتحاد پاران واپاري ايسوسيشن جي صدر تي ڌارين جي سھولتڪاري ڪرڻ ۽ کيس ھٽائڻ سميت سنڌ مان افغاني پٺاڻن جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، مظاھرين طرفان واپاري صدر ھٽايو، افغاني پٺاڻ ڀڄايو، سنڌ بچايو جا نعرا ھنيا ويا. ٻنون شھر ۾ نوجوان اتحاد پاران اياز بابلو پليجو، مظفر پليجو، عرفان پليجو، منصور پليجو، بابو پليجو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوانن پاران ٻنون جي واپاري صدر کي عھدي تان ھٽائڻ ۽ سنڌ مان افغاني پٺاڻن جي آبادڪاري خلاف شاھي بازار کان ٻنون بند تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي ٻنون نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ افغاني پٺاڻ ۽ ٻيا ڌاريان سنڌ تي قابض ٿي سنڌي نوجوانن کي قتل ڪري رھيا آھن، جڏھن تہ سنڌ جي شھرن مان افغاني پٺاڻن ۽ ڌارين جي ٻي آبادڪاري خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، تہ پر ٻنون جو واپاري صدر انھن ڌارين جو سھولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، ھنن الزام ھنيو تہ واپاري صدر اسان خلاف ٻنون پوليس ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي،.ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل واپاري ايسوسيشن ٻنون جي صدر حاجي صالع سومرو نوجوان اتحاد پاران مٿس ڌارين جي سھولتڪاري ڪرڻ وارن سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو تہ ھن ڪنھن بہ پٺاڻ جي مدد ناھي ڪئي، ۽ نہ ئي مون ٻنون جي ڪنھن مقامي نوجوان مٿان ڪيس داخل ڪرايو آھي، سمورا الزام غلط ۽ بي بنياد آھن، ڪجھ ماڻھو پٺاڻن جي آڙ وٺي منھنجي ڪردار ڪشي ڪري رھيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو