لاهور (نيوز ڊيسڪ): پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ (پي سي بي) زيمبيا ۾ جاري غير منظور شدہ ‘ايشين ليجنڊز ليگ’ ۾ اڳوڻن ڪريڪٽرن جي شرکت تي سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. پي سي بي موجب زيمبيا ۾ جاري ايشين ليجنڊز ليگ کي آءِ سي سي ۽ زيمبيا ڪريڪٽ يونين جي منظوري حاصل ناهي. بغير اين او سي (NOC) جي ان غير منظور شدہ ليگ ۾ شرکت ڪندڙ اڳوڻن ڪريڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.بورڊ چيو آهي ته ان ليگ ۾ شرکت ڪندڙن کي 2 سالن تائين پي سي بي مان اين او سي جاري نه ڪيو ويندو، ۽ هو 2 سالن تائين پي سي بي توڙي پي ايس ايل (PSL) ۾ ڪوچنگ، مينٽورنگ ۽ ٻين ذميوارين لاءِ نااهل قرار ڏنا ويندا. پي سي بي موجودهه ۽ اڳوڻن ڪريڪٽرن کي ٻاهرئين ملڪن ۾ ايونٽس ۾ شرکت کان اڳ لازمي طور اين او سي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










