غوثپور جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 8 ڏينهن کان برسات سبب تباھي ،نينگر فوت

غوثپور جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 8 ڏينهن کان برسات سبب تباھي ،نينگر فوت

غوثپور(ن سنڌيار)غوثپور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 8 ڏينهن کان برسات تباھي مچائي ڇڏي آهي برسات جي لاڳيتو جاري رھڻ سبب آسپاس جي ڳوٺن ۾ سوين ڪچا جگھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن۔ ڳوٺ خيرمحمد نصيراڻي ۾ برسات ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب پنجن ورھين جو معصوم نينگر اعجاز پٽ ثناءﷲ اوڳاھي ڀت ھيٺان دٻجي فوت ٿي ويو آهي فوتي نينگر جي وارثن اطلاع ملڻ تي معصوم نينگر کي ڪڍي ورتو ۔ نينگر ٿڏي تي ئي دم ڌڻي در حوالي ڪيو۔ سندس گھر ۾ ڪھرام متل آهي سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا نينگر جي وارثن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ برساتن جي ڪري تباهي اچي ويئي آھي ۽ پاڻي بيھڻ سبب گھر جي ڀت ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ نينگر ڀت ھيٺان دٻجي فوت ٿي ويو آهي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي ميٺاڻي کي اپيل ڪئي ھي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ، ٽينٽ، کاڌ خوراڪ جا اپاءَ ناھن ورتا ويا جنھن سبب ماڻهو ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن اسانجي واھر ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو