غزه(ويب ڊيسڪ)غزه ۾ چئن ڏينهن واري عارضي جنگ بندي جو اڄ آخري ڏينهن آهي، حماس جنگ بندي کي 2 کان 4 ڏينهن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جيڪڏهن جنگبندي ۾ واڌ ڪئي وئي ته وڌيڪ 20 کان 40 اسرائيلي قيدي آزاد ٿي سگهن ٿا. آمريڪي صدر چيو ته قيدين جي مٽاسٽا لاءِ ويڙهه ۾ وقفو جاري رهڻ جي اميد هئي. فرانس جي پرڏيهي وزير به جنگبندي ۾ واڌ جي حمايت ڪئي آهي.










