ڪراچي ( ن سنڌيار ) ڪراچي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ متاثرن طرفان 36 ڏينھن ڏيئا ٻاري مشعل بردار ٿي ريلي ڪڍي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ ۽ ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء ڪاروايون ڪندڙ پوليس ۽ روينيو عملدارن کي سزائون ڏيارڻ ۽ سرڪاري بي حسي خلاف متاثرن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان احتجاجي ڪئمپ تي ڏيئا ٻاري مشعل ھٿ ۾ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ان موقعي تي الطاف ميمڻ شبير پٺاڻ اشفاق عباسي پپن سيال ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تـ سنڌ سرڪار طرفان عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جي متاثرن جي اڃان تائين واھر نـ ڪرڻ تي اڄ مشعل ۽ ڏيئا ٻاري انھن کي روشني ڏيکاري اھو پيغام ڏيون ٿا تـ اوھين سسٽم مافيا ۽ پوليس روينيو عملدارن خلاف ڪاروايون ڪرڻ کان ھن وقت تائين قاسر ٿي ويٺل آھيو ڇا اوھان کي اسان جو احتجاج نظر ڪو نـ ٿو اچي اوھين انڌا گونگا ٻوڙا بڻجي ويٺل آھيو مشعل ۽ ڏيئا ٻاري روشني ذريعي اسين سنڌ سرڪار ڏانھن روشني جو پيغام موڪليون ٿا تـ جيڪڏھن اوھان جي ڏسڻ جي نظر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي تـ ھن روشني ذريعي اسان جي احتجاج کي ڏسي ڪري انصاف ڪري غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي متاثرن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن ۽ ڳوٺ تي ھلان ڪري نياڻين تي گوليون ۽ شيل ھلائيندڙ پوليس ۽ جعلساز روينيو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انھن کي سزائون ڏنيون وڃن ھنن چيو تـ اسين انصاف جي حاصلات تائين احتجاج برقرار رکنداسين










