ٺٽو (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عيد نماز ۽ بعد ۾ جانورن جي قرباني لاءِ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته عيدگاهن، امام بارگاهن ۽ ٻين اهم هنڌن تي صفائي سٿرائي سميت امن امان ۽ ڀائيچاري جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ضروري عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون وڃن. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ عيد الاضحيٰ جي انتظامن بابت منعقد گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، ڊي ايس پي سيد افتخار حسين شاهه، رينجرز انسپيڪٽر احمد حسين، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کان علاوه نيوي، لوڪل گورنمينٽ، اطلاعات، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي، مرف، حيسڪو، ٽائون، ميونسپل ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جي جانورن جو کلون گڏ ڪرڻ لاءِ غيرقانوني ڪئمپون قائم ڪرڻ، عمارتن ۽ گاڏين تي لائوڊ اسپيڪرن ۽ بينر لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي ضلعي جي سمورين چوپائي مال جي منڊين جو دورو ڪري ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بنائين جڏهن ته جانورن جي ويڪسينيشن سميت بيمار جانورن جي منڊين ۾ داخل ٿيڻ کي روڪيو وڃي ان کان علاوه غير قانوني ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪندڙ مال منڊين کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ گڏوگڏ جانورن جو رڪارڊ به رکيو وڃي. هن ميونسپل، ٽائون ۽ پبلڪ هيلٿ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قرباني کانپوءِ جانورن جي باقيات کي ٺڪاڻي لڳائڻ سميت صفائي سٿرائي سميت اسپري/فيوميگيشن لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺن، جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ ڊرينيج سسٽم کي به بهتر بڻايو وڃي، کُليل مين هولز تي ڍڪڻ پڻ لڳايا وڃن. هن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته عيد الاضحيٰ دوران غير اعلانيل لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته روڊن تي بيٺل چوپايو مال نظر نه اچڻ گھرجي، ان ڏس ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.










