لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڄائي قطري عورت گولفر ندا مير چيو آهي ته هوءَ عورتن کي بااختيار ڏسڻ چاهي ٿي ۽ مان اهو ڪم گولف ذريعي ڪنديس.لاهور ۾ ڳالهائيندي ندا مير چيو ته منهنجو هڪ ئي مقصد آهي ته عورتن جي بااختياريءَ لاءِ ڪم ڪريان جڏهن ته پاڪستان سان تعلق هجڻ جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ رهي آهيان. ندا مير چيو ته عورتون گولف جي راند ۾ نه اينديون آهن، مان چاهيان ٿي ته وچ اوڀر ۾ عورتن جو اچڻ آسان بڻائي سگهجي.هن چيو ته منهنجا والدين پاڪستاني آهن ۽ مان قطر ۾ پيدا ٿيو آهيان، قطري حڪومت منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ ڪلب مون کي اسپانسر ڪري رهيو آهي، مان قطر جي نمائندگي ڪرڻ جو اهل آهيان.ندا مير چيو ته سندس پيءُ ۽ ڀاءُ گولف سان لاڳاپيل آهن، ڀاءُ فيصل مير عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.عورت گالفر جو چوڻ هو ته منهنجي پيءُ مون کي ڪوچنگ ڏني، مون 17 سالن جي عمر ۾ گولف کيڏڻ شروع ڪيو ۽ 17 سالن جي عمر ۾ پهريون ٽورنامينٽ کيڏيو.ندا مير جو چوڻ آهي ته هن پاڪستان، مراکش، سنگاپور، اردن ۽ تيونس ۾ ٿيندڙ عالمي گولف ايونٽس ۾ شرڪت ڪئي آهي.










