اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو منصوبو انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي.ملڪ ۾ ٽيڪس روينيو ۾ ممڪنه شارٽ فال لاءِ ڪنٽينجنسي پلان تيار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ڪنٽينجنسي پلان تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ 18 ارب رپيا ماهوار آمدني جو امڪان آهي، جنهن لاءِ کنڊ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 5 رپيا في ڪلو لڳائڻ جي تجويز آهي.فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ذريعن موجب ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شين تي جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) 15 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ايف بي آر ذريعن موجب مشينري، خام مال، سپلائيز، سروسز ۽ ڪانٽريڪٽ تي اضافي ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان آهي ۽ نگران حڪومت ٽيڪس روينيو وڌائڻ جو منصوبو آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال 11 هزار ارب رپيا ٽيڪس جو هدف مقرر ڪرڻ جو منصوبو آهي، ايندڙ سال ٽيڪس وصولي جو هدف هن سال 1590 ارب رپيا وڌيڪ هوندو.ذريعن موجب پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جو سالياني ٽارگيٽ 918 مان وڌائي 1065 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.ذريعن موجب هلندڙ سال 30 جون تائين 49 ارب ۽ ايندڙ سال 147 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويندا.










