ڪهوٽا(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڪشمير کي پاڪستان جو صوبو ٺاهي ڪشميرين کان جهنڊو به کسڻ چاهي ٿو. هن ڪشمير جو سودو ڪري ڇڏيو آهي هو اليڪشن چورائي ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهي ڪشمير جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي اهري شخص کي وزيراعظم ٺاهڻ چاهي ٿو جنهن کان هن پيسا ورتا آهن. اسلام آباد جي سڀ کان وڏي مال سينٽورس جي مالڪ تنوير الياس جو ذڪر ڪندي چيو ته ان هڪ سرڪاري اداري جي آفيسر کي هڪ ارب روپيا وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڏنا. ان سخص ميان نواز شريف کي سينيٽر ٿيڻ لاءِ 40 ڪروڙ جو پارٽي کي چندو ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي پر نواز شريف کيس انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اڄ مونکي تيرنهون ڏينهن آهي ڪشمير ۾ اوهان عمران خان جي اي ٽي ايم کي ووٽ نه ڏيو. هن چيو ته مان اڄ ايل او سي جي ويجهو جلسو پئي ڪريان ۽ وطن جي حفاظت ڪندڙ فوجي ڀائرن کي ٻنهي هٿن سان سيلوٽ ٿي ڪريان. هن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ڪرڻ وارا ڏسو اڄ ڪنٽرول لائين جا نوجوان به چون ٿا ته ميان دي نعري وجن گي. ياد رهي ته 25 جولاءِ تي ڪشمير جي قانون ساز اسمبلي جي 45سيٽن لاءِ پولنگ ٿيندي. جن مان 33 ميمبر ڪشمير ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ 12 سيٽون ڪشميري مهاجرن لاءِ آهن، جن لاءِ پوري ملڪ جي مختلف حصن ۾ رهندڙ ڪشميري ووٽ ڪندا. هن وقت ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف۾ مقابلو آهي.










